اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي جي پاڻ?? جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ??اء?? ”ڪي فور“ منصوبو م??رر وقت تي مڪمل ڪرڻ ??اء?? ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي کي پاڻي جي شديد کوٽ درپيش آهي، پاڻي جي فراهم?? جو اهو منصوبو تيز رفتار بنيادن تي هلائڻ جي ضرورت آهي، لاڳاپيل حصيدار ان حوالي سان هم آهنگي سان ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبي ڪي فور بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. واپڊا چيئرمين ليفٽينٽ جنرل (ر) مزمل حسين منصوبي جي باري ۾ صدر کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. واپڊا چيئرمين ڪراچي ۾ پاڻي جي موجوده صورتحال ۽ مستقبل جي ضرورتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، هن ٻڌايو ته جون 2021ع تا??ين ڪنسلٽنٽس ڪم شروع ڪري ڏيندا جڏهن ته ڊزائين ريويو آڪٽوبر 2021ع تا??ين مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو ته منصوبي تي فيبروري 2022ع ۾ ڪم شروع ٿيندو ۽ اهو آڪٽوبر 2023ع ۾ مڪمل ٿي ويندو.