اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڀارت سان آمدرفت تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، اها پابندي اپريل جي ٽئين هفتي کان لاڳو آهي ۽ ان تي مڪمل عملدرآمد ٿي رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته جيڪڏهن ڪ??رونا وائرس جي وبا جي صورتح??ل ۾ بهتري نه ??ئي ته پاڪستان ??ي اندر وڌيڪ سخت قدم کڻڻا پوندا ان لاءِ تياري ڪئي پئي وڃي.