اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته اسمگلنگ جي ڪري معيشت کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهچي رهي?? آهي، اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ترين قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسمگلنگ جي روڪٿام بابت قدمن تي اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خاص مدد??ار شهزاد اڪبر، وزيراعظم جو روينيو بابت خاص مدد??ار ڊاڪٽر وقار مسعود خان، ڪامرس، پيٽروليم، بحري معاملن ۽ گهرو ڊويزن جي سيڪريٽرين، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.