اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۾ لوٽا ڪريسي جو خالق مريم صفدر جو والد محمد نواز شريف آهي، گلگ?? بلتستان جي عوام پاران پي ٽي آءِ جي پذيرائي مان ثابت ٿي چڪو آهي ته گلگ?? بلتستان جو معرڪو پي ٽي آءِ هڻي چڪي آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي وارن کان جي بي جي عوام پڇي رهي آهي ته 10 سالن ۾ جيڪي ڪجهه نه ڪري سگهيا اهو آئنده گلگ?? بلتستان لاءِ ڇا ڪندا، مريم ۽ بلاول جون پارٽيون گلگ?? بلتستان جي عوام جي نظر ۾ ڪري چڪيون آهن، شڪست انهن جو مقدر بڻجي چڪي آهي، مخالف ڌر اڳواڻن جي گفتگو تي پنهنج?? رد عمل ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ مريم صفدر جي گلگ?? بلتستان ۾ خطاب ۾ روايت موجب سندن لهجو شڪست کاڌل ۽ انتهائي مايوس ڪندڙ هو، ??نن پنهنجي تقرير ۾ لوٽن ۽ ڌانڌلي جو ذڪر ڪيو جيستائين لوٽن جو تعلق آهي ته کين يا?? ڏيارڻ چاهيان ٿو ته سندس والد محمد نواز شريف لوٽا ڪريسي جو خالق آهي جنهن جي پهرين فيڪٽري ڇانگامانگا تي لڳائي وئي، هن چيو ته گلگ?? بلتستان ۾ گذريل 5 سال (ن) لگ جي حڪومت رهي، ناقص ڪارڪردگي تي خبر پئجي چڪي آهي ته شڪست توهان جو مقدر آهي.