اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعليم جي شعبي ۾ ملڪ ۾ موجود طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قومي تعليمي پاليسي سان تعليمي معيار ۾ بهتري ايندي ۽ معاشري جي سمورن طبقن کي ??اا??تيار بڻائڻ جا برابر موقعا فراهم ٿيندا، نئين نسل کي خاتم النبين صه جي حيات مبارڪه ۽ سنت بابت مڪمل آگاهي هجڻ گهرجي ڇو ??ه حضرت محم?? صه ئي اسان جو رول ماڊل آهي ۽ ان جي سنت اسان جي لاءِ مش??ل راهه آهي. هو قومي هڪ جهڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.