پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ هنگو دهشتگرد حملي ۾ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندڙ خيبرپختونخواهه پوليس جي سپاهي عمر سع??د کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي پوليس ملڪ دشمن عنصرن جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??را??ظم هنگو حملي دوران فائرنگ جو مقابلو ڪندڙ صوابي سان تعلق رکندڙ جوان کي بهادري تي شاباس ڏني. نگران وز??را??ظم حوصلا افزائي طور عمر سع??د کي 5 لک جو انعام پڻ ڏنو. هن چيو ته عمر سعيد جهڙا بهادر جوان اسان جي قوم جي هڪ مضبوط ديوار وانگر حفاظت ڪري رهيا آهن. نگران وز??را??ظم چيو ته اسان جي پوليس ملڪ دشمن عنصرن جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي، اسان جي پوليس مشڪل ترين حالتن ۾ به هر موقعي تي ملڪ دشمن عنصرن جي خلاف شيهي جي ديوار جو ڪم ڪيو.