اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ??رعزم آهن ۽ حڪومت سي پيڪ تحت مختلف منصوبن جي تڪميل ۽ انهن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چيني عملدارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. ??زي??اعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر موسم ۾ آزمايل اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري رکندڙ منفرد لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ آئرن برادرز ۽ هڪ ٻئي جا اعتماد جوڳا دوست آهن. نگران ??زي??اعظم چين جي صدر شي جن پنگ جي قيادت ۽ ويزن خاص طور تي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) کي ساراهيو. نگران ??زي??اعظم چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ ٽيڪنالاجيڪل لاڳاپن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ??رعزم آهن ۽ حڪومت سي پيڪ تحت مختلف منصوبن جي تڪميل ۽ انهن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چيني عملدارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. چين جي سفير جي نگران ??زي??اعظم سان پاڪستان ۾ بطور سفير ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ اها پهرين ملاقات هئي. نگران ??زي??اعظم چيني سفير کي سفارتي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندو.