اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته اسلام جي امن ۽ محبت جي حقيقي پيغام کي ڦهلائڻ جي ضرورت آهي، حضور صه جي ناموس جي حفاظت ڪرڻ هر مسلمان جو فرض آهي پر ان سان گڏوگڏ اسان کي پنهنجي دين جي پرامن فطرت کي به دنيا آڏو رکڻ گهرجي، پاڪستاني قوم کي سنگين چئلينجز درپيش آهن جن جو مقابلو رڳو قومي رحمت اللعال??ين اٿارٽي ئي ڪري سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل رحمت اللعال??ين اٿارٽي جي دوري جي موقعي تي چيئر??ين خورشيد احمد نديم سان ملاقات دوران ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته قومي رحمت اللعال??ين اٿارٽي (اين آر اي) جو مينڊيٽ قوم جي تعمير جي لاءِ اهم آهي. هن تنظيم جي مشن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني قوم کي سنگين چئلينجز درپيش آهن جن جو مقابلو رڳو رحمت اللعال??ين اٿارٽي ئي ڪري سگهي ٿي. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي معاشري ۾ عدم ب??دا??ت آهي ۽ اسلام جي امن ۽ محبت جي حقيقي پيغام کي اسان جي ملڪ ۾ ڦهلائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جو مذهب امن جو مذهب آهي. هن مديني جي رياست جي ويزن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته ربيع الاول جي مقدس مهيني جي احترام ۾ اٿارٽي کي پنهنجي پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ هر سطح تي ڪيترائي سيمينارز، ڪانفرنسز ۽ مذاڪرا منعقد ڪرڻ گهرجن. اين آر اي جي چيئر??ين نگران وفاقي وزير کي نيشنل رحمت اللعال??ين اٿارٽي جي جاري سرگر??ين ۽ مينڊيٽ کان آگاهه ڪيو. نگران وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته اين آر اي جو مينڊيٽ قوم جي ڪ??دا??سازي جي ذريع?? انصاف، قانون جي حڪمراني ۽ فلاحي معاشري تي ٻڌل مديني جي رياست جي تصور کي عملي جامعو پارائڻ آهي. اين آر اي چيئر??ين تنظيم کي درپيش چئلينجز پن پيش ڪيا. نگران وفاقي وزير چيئر??ين کي يقين ڏياريو ته تعليم واري وزارت کيس مڪمل تعاون فراهم ڪندي ته جيئن ادارو پنهنجي فرضن کي موثر طريقي سان سرانجام ڏئي سگهي. نگران وفاقي وزير چيئر??ين کي حڪم ڏنو ته هو پنهنجي آگاهي مهم کي اڳتي وڌائي. هن چيو ته اسلامو فوبيا هڪ خطرو آهي جنهن کي هر سطح تي منهن ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته حضور نبي اڪرم ﷺ جي ناموس جي حفاظت ڪرڻ هر مسلمان جو فرض آهي پر ان سان گڏوگڏ اسان کي پنهنجي دين جي پرامن فطرت کي به دنيا آڏو رکڻ گهرجي.