اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي شهيدن کي وطن جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر 6 سيپٽمبر تي اوستئي پوسٽ ڪالاش ايريا ۽ جنگريٽ ڪوهه چترال ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو ا??هار ڪندي ملڪ جي لاءِ قرباني تي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جا قوم پاران ٿورا مڃيا. صدر ڊا??ٽر عارف علوي لانس نائيڪ ذوالفقار علي ۽ سپاهي شهزاده اورنگزيب جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو ا??هار ڪيو. ڊا??ٽر عارف علوي لانس نائيڪ شير نواز ۽ لانس نائيڪ شاڪرالله جي پونئيرن سان پڻ رابطو ڪيو. صدر شهيدن جي پونئيرن سان همدردي جو ا??هار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ ملڪ جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو.