اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري وفاقي وزير مدد علي سنڌ?? چيو آهي ته اچو ته گڏجي عزم ڪريون ته اسان پنهنجي ڪوتاهين کي نظرانداز نه ڪنداسين ته ڪوتاهين دُور ڪري اميد جو ڏيئو روشن ڪنداس??ن. ??ختصر وقت ۾ اهڙو ڪم ڪنداسين جيڪو مثال بڻجي وڃي جيڪو ڏسي رهيا آهيون محسوس ڪري رهيا آهيون اهي ئي ڳالهيون ڪنداس??ن. ??ن وقت تائين 3 ڪروڙ ٻار آئوٽ آف اسڪول ڇو آهن، ٻارن کي تعليمي نيٽ ورڪ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ 10 کان 12 سالن جو پلان جوڙڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ عا??مي خواندگي جي ڏهاڙي جي حوالي سان رٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. مدد علي سنڌ?? چيو ته مان علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي خدمتن کان چڱيءَ ريت واقف آهيان ۽ ??ن يونيورسٽي جي ملڪ گير خدمتن کان مطمئن آهيان. هن عا??مي يومِ خواندگي جي حوالي سان سيمينار رٿڻ تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود کي مبارڪباد ڏني. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود چيو ته پاڪستان پنهنج?? آزاديءَ جا 76 سال گذاريا پر اڄ به اسان وٽ 3 ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جن کي اسان کي اسڪول پهچائڻو هو پر پهچائي نه سگهياس??ن. ??ن چيو ته ان ٻارن کي اسڪول آڻڻ لاءِ ڊگهي مدي جي منصوبي جي ضرورت آهي.