اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چ??و آهي ته نگران حڪومت پنهنجي مينڊيٽ اندر رهندي جلد کان جلد عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي. اهڙو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ پاور ڊويزن بريفنگ ڏني، جنهن ۾ مختلف وفاقي وزيرن سميت سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ توانائي واري ??زا??ت ۽ ناڻي واري ??زا??ت کي گڏجي لائحه عمل جوڙڻ جي ذميواري ڏني آهي. هن چيو ته مختلف سرڪاري ملا??من کي مفت يونٽس جي معاملي تي به تفص??لي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سرڪاري آفيسن ۾ بجلي جي استعمال ۾ گهٽتائي لاءِ فوري قدم کنيا ويندا. هن چيو ته اڄ صوبن سان به مشاورت ڪئي ويندي.