اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فيصل آباد جي جڙانوالا تعلقي جي دوري ??ي لاءِ اسلام آباد کان روانو ٿي ويو آهي. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم پنهنجي دوري ??وران جڙانوالا سانحي جي متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندو ۽ متاثر خاندانن ۾ امدادي چيڪس پڻ ورهائيندو. نگران وزيراعظم ان دوري ۾ متاثر گرجا گهرن جي نئين سر تعمير جي اڳڀرا??ي جو جائزو پڻ وٺندو. ان موقعي تي وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي خطاب پڻ ڪندو.