اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)ريلوي ??اري نگران وفاقي وزير ڪيپٽن (ر) شاهد اشرف تارڙ ريلوي ??اري وزارت جي چارج سنڀالي ورتي آهي. ريلوي ??اري وزارت جي آفيسرن نگران وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير ريلوي ??اري وزارت جو دورو ڪيو ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪئي. ريلوي ??اري وفاقي سي??ريٽري سيد مظهر علي شاهه ريلوي جي انتظامي ۽ آپريشنل معاملن تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ت?? مسافرن جو تحفظ اولين ترجيح آهي، ٽرين آپريشن سڀني لاءِ خوشگوار ۽ محفوظ هجڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ وزارت ۽ ان سان جڙيل سمورن کاتن کي مسافرن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. سمورا کاتا فوري طور تي حفاظت بابت آڊٽ ۽ اسيسمنٽ ڪن ۽ رپورٽ 7 ڏينهن اندر پيش ڪئي وڃي. نگران وفاقي وزير چيو ته ايم ايل ون پاڪستان لاءِ هڪ اهم ۽ اسٽريجڪ منصوبو آهي، ريلوي جي آمدني کي بهتر ??ڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.