اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ اي??ان ٻطرفي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ثقافتي رابطن ۽ عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي ڌرين سياحت جي شعبي ۾ تعاون کي ان جي پوري صلاحيت موجب وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اهو اتفاق راءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پاڪستان جي دوري تي آيل ايراني ثقافتي ورثي، سياحت ۽ دستڪاري واري وزير سيد عزت الله زرغامي جي وچ ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو جنهن پنهنجي وفد ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ اي??ان جو سفير رضا اميري موغادم پڻ موجود هو. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان اي??ان س??ن پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهني اهميت ڏي ٿو جيڪي تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي رشتن تي ٻڌل آهن. هن اي??ان ۾ مقدس جاين جي زيارت جي لاءِ ويندڙ پاڪستاني زائرين جي سهولت لاءِ ايراني حڪومت جي قدمن کي ساراهيو. ملاقات ۾ دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واق??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا آهن ۽ اسلامو فوبيا، ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فل??طين جي مسئلن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. هن معزز مهمان کي ڀارت جي مسلمان دشمن پاليسين بابت آگاهه ڪيو، خاص طور تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پا??ان دهشتگردي جي راڄ ۽ مسلمانن تي ظلمن کي اجاگر ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪرڻ تي ايراني قيادت جا ٿورا مڃيا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ تي ايراني قيادت ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي مبارڪبا?? ڏيندي صدر اميد ظاهر ڪئي ته انهن جي لاڳاپن ۾ اڳڀرائي سان نه رڳو ٻئي ملڪ پر پوري خطي کي فائدو ٿيندو. سيد عزت الله زرغامي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ عوامي مٽاسٽا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن باجوڙ ۾ تازي دهشتگرد حملي تي اي??ان جي عوام ۽ حڪومت پا??ان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واق??ن تي پاڪستان حڪومت جي موقف کي پڻ ساراهيو.