اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي قائم ??رڻ سميت ٽن بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اليڪشنز (ٻي ترميم) بل 2023ع جي منظوري ڏني آهي. بل جو مقصد اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم ??رڻ آهي. صدر پاڪستان سا??رن ويلٿ فنڊ بل 2023ع جي منظوري ڏني. بل جو مقصد پاڪستان سا??رن ويلٿ فنڊ قائم ??رڻ آهي. صدر پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي بل 2023ع جي منظوري ڏني. بل جو مقصد ايئرپورٽس جي بهتر انتظام، آپريشن ?? ترقي ۽ ايئر ٽرانسپورٽ خدمتن ۾ بهتري جي لاءِ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جو قيام آهي. صدر ٽنهي بلن جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني آهي.