اسلام آباد -23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب جي سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن کي وفاقي حڪومت ??ي ملازمن ۽ پينشنرن جي برابر پگهارن ۽ پينشن ?? واڌ ملڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان واعدو آهي ته معاشي بدحالي، غربت ۽ مهانگائي جي اونداهيون مٽ??ئي رهنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ۾ وزيراعظم چيو ته پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جنهن منهنجي درخواست تي پنجاب جي سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن کي وفاقي حڪومت ??ي ملازمن ۽ پينشنرن جي برابر رليف ڏنو ۽ لکين سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جون دعائون پنهنجي نالي ڪيون آهن. وزيراعظم پنجاب صوبي جي سرڪاري ملازمن کي 35 سيڪڙو ۽ پينشنرن کي 17.50 سيڪڙو واڌ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان واعدو آهي ته معاشي بدحالي، غربت، مهانگائي ج??ن اونداهيون مٽ??ئي رهنداسين.