اسلام آ??اد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته جديد ترين ملجم ڪلاس جنگي جهاز جي پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شموليت دفاعي شعبي ?? پاڻڀرو ٿيڻ طرف وڏو قد?? آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملجم پراجيڪٽ سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ نوان رستا کلندا ۽ اهو اسان جي دوستي جي پائيدار علامت ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي مالياتي ۽ صنعتي بنياد ۾ ترقي سان سامونڊي واپاري سرگرميون ڪيترائي ڀيرا وڌڻ واريون آهن ۽ ان سان سامونڊي شعبي ?? توسيع جي لاءِ اضافي صلاحيت جي ضرورت پيدا ٿيندي. وزيراع??م محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ڪراچي کان گوادر تائين سامونڊي انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ پرعز?? آهي ته جيئن خطي ۾ مستقبل جي واپاري ۽ ٽرانزٽ شپمينٽ جي مرڪز طور پاڻ کي تيار ڪيو وڃي. هن چيو ته ملجم ڪلاس جهاز اسان جي سيڪيورٽي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو.