اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قومي سلامتي، خودمختيا??ي جي تحفظ، مجرماڻي س??گرمين جي تدارڪ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آءِ بي جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪ جي لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن تي قوم کي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽيلي جن?? بيورو جي ڊائري??ٽر جنرل فواد اسد الله خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم کي انٽيلي جن?? بيورو جي هڪ سال جي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم آءِ بي جي هڪ سال جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري، ملڪي ۽ غيرملڪي عنصرن کان خطرن جي مقابلي ۾ آءِ بي جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، قومي سلامتي ۽ خودمختيا??ي جي تحفظ ۾ آءِ بي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ آءِ بي کي قومي مفادن جي حوالي س??ن اضافي ٽاسڪ ڏنا جيڪي هن ڪاميابي س??ن حاصل ڪيا. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي اندر مجرماڻي س??گرمين جي تدارڪ، دهشتگردي جي خاتمي ۾ آءِ بي فعال ڪردار ادا ڪيو، وقت سر اطلاعات جي فراهمي س??ن صحيح فيصلاسازي ۾ پڻ آءِ بي جو شاندار ڪردار رهيو. وزيراعظم فواد اسد الله جي پيشيواراڻي قابليت ۽ اداري کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن کي س??راهيو. وزيراعظم آءِ بي جي آفيسرن ۽ عملي کي شاباس ڏني ۽ آءِ بي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته ادا??ي جون غيرمعمولي ڪاميابيون فخر جوڳيون آهن، ملڪ جي تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ شهادت ماڻيندڙ شهيدن تي قوم کي فخر آهي. فواد اسد الله خان وزيراعظم جي آءِ بي تي اعتماد ۽ ڀرپور حمايت تي ٿورا مڃيا، آءِ بي ملڪ جي سڀ کان پراڻي ۽ وڏي سويلين انٽيلي جنس ايجنسي آهي.