اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته پوري قوم هن وقت ملڪ جي محافظن ۽ شهيدن سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ جي محافظن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري قوم جي لکين ٻارن کي يتيمي کان بچايو، رڳو انهن ماڻهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي جن بابت يقيني آ??ي ته اهي 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث آهن، انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ۾ انصاف جي سمورين گهرجن کي پورو ڪيو وي??دو، 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف موجوده قانونن تحت ڪارروائي يقيني بڻائي وي??دي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن سان سڄي ملڪ ۾ رياستي ۽ نجي ملڪيتن کي پهچندڙ نقصان تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته 9 مئي تي پوري ملڪ ۾ شرپسندي ۾ ملوث ماڻهن مان 95 سيڪڙو ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي جڏهن ته اٽڪل 60 سيڪڙو ملوث ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو وي?? آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو وي?? ته 9 مئي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي شرپسندن عام شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي زخمي ڪيو، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي شديد نقصان پهچايو. پوليس ۽ فوج جي گاڏين، ايمبولينسز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جون گاڏيون ساڙيون وي??ن. ان کانسواءِ حساس ٺڪاڻن تي حملي، پوليس ٿاڻن، جناح هائوس ۽ ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارتن کي باهه لڳائي مڪمل طور تي تباهه ڪيو وي??. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته پي ٽي آءِ پاران جاري پروپئگنڊه مهم جي ابتڙ سول ۽ نجي عمارتن ۽ ملڪيتن تي حملي آور ٿيندڙن جي خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ ۽ دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته رڳو اهڙن ماڻهن کي آرمي ايڪٽ تحت ڪٽهڙي ۾ آندو وي??دو جن بابت مڪمل ثبوت موجود آهن ته اهي حساس ٺڪاڻن تي حملي ۾ ملوث آهن. آرمي ايڪٽ تحت هلندڙ ڪيسن جي فيصلن جي خلاف اپيل جي لا??ِ اعليٰ عدالتن سان رجوع جو حق موجود آهي. اجلاس کي نادرا پاران فيشل ريڪگنيشن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي 9 مئي جي واقعن جي جاين جي فهرست سان گڏوگڏ وڊيو ۽ تصويرون پڻ ڏيکاريون وي??ن. ڪابينا 16 مئي تي ٿيندڙ ن??شن?? سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي سختي سان عمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي ڪابينا قومي اسيمبلي مان 9 مئي جي ڪاري ڏينهن جي واقعن جي متفقه طور تي منظور ڪيل مذمتي قرارداد کي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي هدايت ڪئي. ڪابينا مختلف دوست ملڪن ۾ پي ٽي آءِ جي پروپئگنڊه جو موثر جواب ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي اهو يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته ڪنهن به معصوم شهري کي انهن واقعن جي آڙ ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي جڏهن ته اها به هدايت ڪئي ته واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ۽ گرفتاري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا کي روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي حوالي سان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو وي??. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جنهن جي مفاهمتي ??اد??شت تي وزيراعظم جي سرپرستي هيٺ 17 مئي 2023ع تي صحيحون ٿيون تي عملدرآمد جاري آهي جنهن ۾ پاڪستان مان حاجي سڳورا اميگريشن ڪرائي سعودي عرب ۾ انتظار کان بچي وي??دا. ان جي لا??ِ اسلام آباد ايئرپورٽ تي 5 خصوصي ڪائونٽر ٺاهيا ويا آهن جن تان هيستائين تازي حج جي لاءِ 2450 حاجي فائدو کڻي چڪا آهن. هن سال مجموعي طور تي 26000 حاجي سڳورا روڊ ٽو مڪه منصوبي مان فائدو کڻندا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو وي?? ته ايندڙ سال ملڪ جي ٻين وڏن هوائي اڏن تائين روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ کي توسيع ڏني وي??دي ۽ ان مان فائدو کڻندڙ حاجين جي انگ کي 75000 تائين پهچايو وي??دو. وفاقي ڪابينا ميجر جنرل رٽائرڊ حفيظ الرحمان جي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن جي بطور ميمبر ايڊمنسٽريشن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي 16 مئي 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي.