اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 9 اپريل آچر ڏينهن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جو اعلا?? ڪري ڇڏيو آه??. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن (1) 57 تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي لاءِ چونڊن جي ت??ريخ جو اعلان ڪيو. صدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط ۾ چيو آه?? ته اليڪشن ڪميشن ايڪٽ جي سيڪشن (2) 57 تحت اليڪشن جو پروگرام جاري ڪيو وڃي. صدر چيو ته هن آئين تحت آئين جي ت??فظ ۽ دفاع جو حلف کنيو آه?? جيئن ته ڪنهن به عدالتي فورم پاران ڪو منع نامو نه آه?? تنه?? ڪري سيڪشن (1) 57 تحت صدر جي اختيار جي استعمال ۾ ڪا رڪاوٽ نه آه??. هن چيو ته آئين ۽ قانون 90 ڏينهن کان وڌيڪ جي دير جي اجازت نٿو ڏي، ان لاءِ آئين جي خلاف ورزي کان بچڻ جي لاءِ چونڊن جي ت??ريخ جو اعلا?? ڪرڻ جو پنهنجو آئيني ۽ قانوني فرض ادا ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. صدر چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا گورنرز صوبائي اسيمبلين جي ت??ليل کانپوءِ 90 ڏينهن جي اندر چونڊن جي ت??ريخ مقرر ڪرڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري ادا نه ڪري رهيا آه??. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان به پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اسيمبلين جون چونڊو?? ڪرائڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري پوريون نه ڪري رهيو آه??، ان طرز عمل سان دير ۽ آئيني شقن جي خلاف ورزين جو سنگين خطرو پيدا ٿي رهيو آه??. صدر چيو ته اليڪشن ڪميشن اڳ ۾ ئي آئيني عهديدارن جا نالا پنهنجي مختلف خطن ۾ چونڊن جي امڪاني ت??ريخن جو اشارو ڏ??ي چڪو آه??، انهن خطن ۾ 90 ڏينهن جي اندر چونڊو?? ڪرائڻ جي اليڪشن ڪميشن جي ذميواري ظاهر ٿئي ٿي. هن چيو ته اسيمبلين جي عام چونڊن جي ت??ريخ جي اعلان لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مشاورت جو سنجيده عمل شروع ڪيو پر اليڪشن ڪميشن ان موضوع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي آه??. ان لاءِ صدر جي طور سيڪشن (1) 57 تحت حاصل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊن جي لاءِ 9 اپريل 2023ع آچر جي ت??ريخ جو اعلا?? ڪري رهيو آه??ان.