اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته عل?? ۽ ??دي?? م??ار??ن کي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نوجوانن ۾ اخلاقي قدرن ۽ همدرديءَ جي جذبن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ ملڪي قيادت کي وقت سر ۽ تيز فيصلا ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج ??وهاٽ جي شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر شاگردن کي عل?? حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ کي ??دي?? م??ار??ن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ??دي?? ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس وغيره جهڙن شعبن ۾ م??ار?? حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. هن شاگردن تي زور ڏنو ته اهي عل?? حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ديانتداري، اخلاقيات ۽ قدر اختيار ڪندي پنهنجي اندر معاشري جي ڪمزور طبقن جي خدمت ۽ همدرديءَ جو جذبو پيدا ڪن. صدر چيو ته ملڪ کي معاشي ۽ مالي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ملڪي قيادت کي وقت سر ۽ تيز فيصلا ڪرڻا پوندا. جڏهن ته ملڪ کي تيز رفتار ترقي جي رستي تي وجهڻ جي لاءِ ديانتدار قيادت لازمي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پرائمري سطح تي داخلائن جي شرح رڳو 68 سيڪڙو آهي جڏهن ته خطي جي ٻين ملڪن ۾ اها شرح 98 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي.