ا??لا?? آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب اداڪارائن جي ڪردارڪشيءَ ??ند?? عنصرن جي شديد مذمت ۽ ايف آءِ اي کان قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته بدتميزي، بدتهذيبي ۽ ڪ??دارڪشيءَ جي غليظ مهم جو ڪلچر ڦهلائيندڙن جي پوري معاشري پاران مذمت ٿيڻ گهرجي، رڳو پنهنجي مائرن، ڀينرن جي عزت جي فڪر ۽ باقي دنيا جي عورتن جي عزت نه ??ند?? عنصر ذهني بيمار آ??ن، اختلاف راءِ ??ند??ن کي گاريون ڏيڻ، مائرن ڀينرن، ڌيئرن جي عزت نه ڪرڻ، گهرن تي حملا، گهيراءُ ڪرڻ ۽ هراسان ڪرڻ ”گهريلو تربيت“ جي علامت هوندي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته اداڪار ملڪ جو اثاثو ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ آ??ن، بيمار ذهن ئي انهن تي حملا ڪن ٿا. هن چيو ته فنڪار معاشري ۾ پنهنجي محنت سان مقام حاصل ڪري ٿو، اهي مشڪلاتن کي منهن ڏئي عوامي مقبوليت ماڻين ٿا. هن چيو ته عورتون سياست، صحافتن، فن يا ڪنهن به شعبي ۾ ڪو مقام ماڻين ته انهن جي ڪردارڪشيءَ شروع ڪئي وڃي ٿي، عورتن جي خلاف اها بدنما مهم رڳو عورت هجڻ جي ڪري هلائي وڃي ٿي. هن چيو ته عورتن جي محنت، جدوجهد ۽ صلاحيتن جو اعتراف ۽ احترام ڪرڻ بدران گند اڇلائڻ شرمناڪ آهي، عورتون حوصلي، همت ۽ منزل کي هاصل ڪرڻ جي عزم جي علامت بڻجي چڪيون آ??ن، اهڙي بي هودگي انهن جي ڪاميابين جو سفر نه ٿي روڪي سگهي.