اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران ??ان ??ي لانگ مارچ ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سياسي ميدان ??وني ميدان نه بڻجڻ گهرجن، هي افسوسناڪ واقعو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، پنجاب پول??س، پنجاب جي انتظاميا، پنجاب جا انٽيليجنس ادارا واقعي جي جاچ ڪري حقيقتون عوام آڏو آڻين. هن چيو ته سينيٽ جي اطلاعات با??ت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي فوٽيج ڏٺي، هو زخمي ٿيو آه??، ان جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته وزيراعظم واقعي جي شروعاتي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هن چيو ته هي واقعو پنجاب حڪومت جي حدن ۾ ٿيو آه??، ان واقعي تي قياس آرائيون نه ٿيڻ گهرجن، هي حساس معاملو آه??، اهڙن واقعن تي قياس آرائين سان وڌيڪ اشتعال پيدا ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ميڊيا کي ذميواري جو مظاهرو ڪندي پنجاب پوليس ۽ پنجاب حڪومت پاران ??يندڙ حقيقتن کي نشر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پنجاب حڪومت، آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب سان ??ابطي ۾ آهي، جيئن ئي ڪا تصديق ٿيل اطلاع ملي ٿي اها ميڊي?? سان شيئر ڪئي ويندي. هن چيو ته پنجاب حڪومت جهڙي طرح جو تعاون چاهيندي، وفاقي حڪومت فراهم ڪندي. اسان پنجاب حڪومت جي رپورٽ جو انتظار ڪري رهيا آهيون.