اسلام آباد-28 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن کان ??ڌيڪ جو نقصان ??يو آهي، جڏهن ته تعمير ۽ ٻيهر بحالي لاءِ پاڪستان کي 16 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ?? چئي وئي آهي. رپورٽ ?? چيو ويو آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ کانسواءِ گهرن، زراعت، چوپائي مال، ٽرانسپورٽ ?? مواصلات جي شعبن کي شديد ن??صان ??هتو آهي، انهن شعبن ۾ ترتيبوار 5.6 ارب ڊالر، 3.7 ارب ڊالر ۽ 3.3 ارب ڊالرن جو نقصان ??يو آهي. رپورٽ موجب سڀ کان ??ڌيڪ يعني 70 سيڪڙو سنڌ ۾ ٿيو آهي، بلوچستان ??قصانن جي حوالي سان ??ي نمبر تي، خيبرپختونخوا ٽئين نمبر ۽ پنجاب چوٿين نمبر تي آهي، رپورٽ ?? ٻڌايو ويو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، 1730 ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيو، هن وقت به ڪيترن ئي متاثر علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي جنهن سبب پاڻي مان ??يدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجي رهيون آهن، هن وقت 8 ملين بي گهر ماڻهن کي صحت جا مسئلا سامهون آهن. رپورٽ ?? ٻڌايو ويو آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب زراعت ۽ چوپائي مال جي شعبن سان ??اڳاپيل عورتون وڌيڪ متاثر ٿيون آهن، عالمي بئنڪ ٻڌايو آهي ته حڪومت متاثر ڪميونٽيز کي فوري رليف ۽ جلد بحالي ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي، ته جيئن ميڪرو اڪنامڪ ۽ ما??يا??ي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي.