گابڪوچ – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي دوري دوران جمعي ڏينهن غذر ضلعي ۾ ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ خصوصي صلاحيتون رکندڙ هڪ اهڙي ٻا??ڙيءَ سان ملاقات ڪئي، جنهن تازي ٻوڏ دوران پنهنجي ماءُ، 6 ڀينرن ۽ ڏاڏيءَ کي وڃائي ڇڏيو. وزيراعظم ٻا??ڙيءَ جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو ۽ ٻا??ڙي جي والد کي ڳلي لڳائي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم ٻا??ڙيءَ سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته توهان جي ڏک کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پوري قوم توهان سان گڏ بيٺل آ??ي. ??زيراعظم غذر ۾ ٻوڏ متاثرين سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ بار بار ٻا??ڙي جي ڏک ۽ ڪرڀ جو ذڪر ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ٻا??ڙي جي تعليم ۽ علاج جي لاءِ 50 لک رپين جي رقم جو اعلان ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته ٻا??ڙيءَ جي نالي تي اينڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻا??ڙي جي علاج لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن.