اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير، گلگت ب??تس??ان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ??ائره چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت ب??تس??ان جي حڪومتن جي خواهشن موجب هلندڙ مالي سال جي آخري ٽه ماهي جي بجيٽ فراهم ڪئي پئي وڃي، عمران خان حڪومت آءِ ايم ايف م??اهدي ۾ پيٽروليم تي ليوي لڳائڻ جي ڳالهه مڃي، اسان اها شرط تسليم نه ڪئي، ڀارت جا سمورا حربا ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي حوصلن کي نه ٿا ٽوڙي سگهن. هو منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وف??قي وزير احسن اقبال سان ??ڏ وف??قي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ??ائره چيو ته گذريل ٽن ڏينهن کان والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي حڪومت جو ڏاڍ ۽ بربريت زورن تي آهي، ڀارت پاران 12 شهرين کي شهيد ڪندي تشدد جي نئين لهر مڙهي پئي وڃي. هن چيو ته وف??قي ڪابينا اجلاس کانپوءِ هڪ ٻيو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وف??قي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وف??قي وزير مفتاح اسماعيل سميت ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت ب??تس??ان ۾ پي ٽي آءِ جون حڪومتون آهن ۽ هڪ تاثر ڏنو ويو ته وف??قي حڪومت پاران بجيٽ گهٽ ڪئي پئي وڃي، اهو معاملو وزيراعظم شهباز شريف جي علم ۾ آندو ويو ته هن ان تي نوٽيس ورتو. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ هونئن ئي معاشي بحران آهي، هلندڙ مالي سال جي آخري ٽه ماهي ۾ ڪنهن صوبي کي ترقياتي بجيٽ جاري ناهي ٿي سگهي پر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت ب??تس??ان معاملي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي منصوبابندي، ترقي واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت آزاد ڪشمير ۽ گلگت ب??تس??ان جي بجيٽ کي خواهشن جي موجب بڻ??يو آهي، پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي ٻنهي حڪومتن جي درخواست تي نه پر اسان پاڻ ئي فوري اجلاس گهر??يو ۽ انهن کي گهرايو، اڄ انهن جي اطمينان موجب معاملو حل ٿيو آهي. هن چيو ته وفاق سمورن صوبن جي برابر ترقي جو خواهشمند آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جون ڪيتريون شرطون مڃي رهيا آهيون اهو به قوم کي ٻڌائڻ ضروري آهي، عمران خان آءِ ايم ايف سان پيٽروليم ليوي لڳائڻ جي ڳالهه مڃي پر اسان ان شرط کي نه مڃيو، مشڪل فيصلا ڪندڙ حڪومت ايتري ئي جرئت سان اميرن جي سموري ڪلاسز تي اضافي ٽيڪس لڳائي رهي آهي، اسان جو اهو ئي مقصد آهي ته پاڪستان ۾ امير ۽ غريب ۾ جيڪو فاصلو وڌندو پيو وڃي ان ??ي گهٽ ڪيو وڃي، غريبن کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻندا رهنداسين.