اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينه جي ??قتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) سهڻي ڌرتي ريمينٽس پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت قانوني ۽ بئنڪنگ ذريعن مان پرڏيهي ناڻو اُماڻيندڙن کي مراعتون ڏنيون وينديون ۽ ان عمل کي هٿي وٺرائي ويندي. اقتصادي رابطا ڪميٽي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان کي وڌيڪ هڪ لک 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پاسڪو جي ??سٽاڪ ۽ آزاد ڄمون ڪشمير حڪومت لاءِ پاسڪو جي ??سٽاڪ مان 3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فراهمي جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي ??دارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، عبدالرزاق دائود، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ??يم ڊي ۽ ٻين آفي??رن شرڪت ڪئي. ناڻي واري سيڪريٽري اجلاس ۾ پرڏيهه مان ناڻو اُماڻيندڙ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين لاءِ نيشنل ريمينٽس لائيٽي پروگرام جنهن کي سهڻي ڌرتي ريمينٽس پروگرام جو نالو ڏنو ويو آهي تحت ترغيب ۽ انعام ڏيڻ بابت سمري پيش ڪئي. ان پروگرام تحت قانوني ۽ بئنڪنگ ذريعن مان پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻو پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي انهن جي ??ُماڻيل ناڻي مطابق پوائنٽس ڏنيون وينديون. تفصيلي غور ويچار بعد اقتصادي رابطا ڪميٽي سفارشن جي پوائنٽس تي غور ڪندي ڪيش ادائيگي مستقل طور تي وطن واپس ايندڙ اوورسيز پاڪستانين کي ڪئي ويندي. جڏهن ته ٻين اوورسيز پاڪستانين کي انهن پوائنٽس جي ??نياد تي پي آءِ اي جي ٽڪيٽ ۽ موبائل فون ڊيوٽي جي ??هولت فراهم ڪئي ويندي. اجلاس ۾ قومي ۽ غذائي تحفظ ۽ تحقيق طرفان يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي ڊسمبر 2021ع تائين 2 لک 80 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فراهميءَ بابت سمري پيش ڪئي. اجلاس کي ٻُڌايو ته عبوري انتظامن تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي اڳ ئي 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ فراهم ٿي چڪي آهي، وڌيڪ هڪ لک 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پاسڪو جي ??سٽاڪ مان يا مقامي امپ??رٽ شده ڪڻڪ مان فراهم ڪئي ويندي. ان کان علاوه اي سي سي آزاد ڄمون حڪومت کي ملڪي ۽ امپ??رٽ شده ڪڻڪ جي ??خيرن مان فراهميءَ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڪابينه ڊويزن جي ??مري تي مالي سال 2022ع لاءِ خصوصي ٽيڪنالاجي ??ونز ٺاهڻ جي ??لسلي ۾ 6.4 ارب رپين جي فني ضمني گرا??ٽ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس جي ??خر ۾ ناڻي وزارت طرفان ٽماٽن ۽ بصرن جي ??يڪسپ??رٽ بابت سمري پيش ڪئي وئي. تفصيلي غور ويچار بعد ناڻي وزير جي قيادت ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي. واپار واري وزارت جلد خراب ٿيندڙ شين جي ماهوار امڪاني پيداوار، کپت ۽ واڌو پيداوار جي ??والي سان ڪميٽيءَ کي آگاهه ڪندي ۽ انهن شين جي ??يڪسپ??رٽ جو فيصلو پڻ ذيلي ڪميٽي ڪندي.