اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم ع??را?? خان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني ۽ ويڙهه نه آهي، اسان جو مقصد ملڪ ?? هڪ اهڙو نظام جوڙڻ آهي جنهن سان حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ اهڙو رابطو بڻجي جو مخالف ڌر حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪري پر قومي ۽ عوام جي مفادن جي حوالي سان قانونسازي ۾ حڪومت ج?? ساٿ ڏي، ملڪ ?? عوام جي مفادن جي لاءِ حڪومت مخالف ڌر سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهي پر احتساب جي معاملي تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، ڪو به معاشرو ۽ ملڪ احتساب کانسواءِ نه ٿو هلي سگهي، حڪومت مخالف ڌر پارٽين جي بدعنوان قائدين ۽ اڳواڻن سان نرمي ڪئي ته اهي سمجهڻ لڳا ته هي ڪمزور آهن، هاڻي ڪنهن کي به شڪ جو فائدو نه ڏينداسين. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت مخالف ڌر پارٽين جي جلسن ۽ جلوسن سان گهٻراهٽ جو شڪار نه آهي، هي ماڻهو پنهنجي تقريرن ۾ غلط بياني ڪن ٿا جنهن جو جواب ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن عوام کي اصل حقيقت معلوم هجي.