اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف کي ملتان جي رهواسي ۽ پي ٽي سي ٽ??چر ولي محمد جي بيواهه کي گروپ انشورنس منافعو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اها ڳالهه شرمناڪ آهي ته هڪ بيواهه ??ي 115000 روپين جي معمولي رقم جي خاطر 14 سالن جو انتظار ۽ ڪوشش ڪرڻي پئي، ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر ادائيگي ۾ غير ??عمولي دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسٽيٽ لائ??ف جي درخواست کي رد ڪري ڇڏي ۽ هدايت ڪئي ته اسٽيٽ لائيف 30 ڏينهن اندر بيواهه کي منافعو ادا ڪيو وڃي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف کي معاملي کي ڊيگهه ڏيڻ جي ذميدارن جو تعين ڪرڻ ??اء?? انڪوائري ڪرڻ ۽ 3 مهينن ۾ رپورٽ وفاقي محتسب کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.