اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن وا??ي صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي، ان ڏينهن کي استحصال جي ڏهاڙي طور ملهايو پيو وڃي، ڪشمير جا ماڻهو غاصباڻي فوجي طاقت مان ڇوٽڪارو چاهين ٿا، عالمي برادري ڀارت تي زور ڏي ته ه?? ڪشمير ??ان نڪري وڃي. هن چيو ته سينيٽ جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ هڪ رٿ پيش ڪندس، اجلاس ۾ ڪشمير کانسواءِ ڪا سياسي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، سينيٽ اجلاس جي ٽي نقاطي ايجنڊا آهي. هن چيو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي، ڀارت ڪشمير ??ان نڪري وڃي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته پاڪست??ن جي باني قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪست??ن جي شهه رڳ قرار ڏنو هو ۽ اس??ن جي آخ??ي منزل ڪشمير بڻجندو پاڪستان آهي، ان ڏس ۾ اسلام آباد جي ڪشمير ??اءِ وي جو نالو تبديل ڪري سري نگر هاءِ وي رکيو ويو آهي.