اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي اڳواڻن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ عالمي مالياتي ادارن جي سربراهن ک?? اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي قرضن ۾ رليف فراهم ڪن. عالمي برادري کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا جي صورتحال سان پوري دنيا متاثر ٿي آهي پر ترق?? يافته ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ ان حوالي سان جدا ردعمل آيو آهي، ترق?? يافته ملڪن وٽ وسيلن ۽ پئسي جي کوٽ نه آهي ۽ اهي وڏي رقم خرچ ڪري صورتحال ج?? مقابلو ڪري رهيا آهن پر اسرندڙ ملڪن ۾ لاڪ ڊائون ۽ معاشي سرگ??مي??ن نه ٿيڻ سان عوام کي بک ۽ سخت معاشي مسئلا درپيش آهن.