اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ آسانيون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان وڏو في??لو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته لائسنسنگ جو طريقيڪار آسان بڻائي خودڪار نظام متعارف ڪرايو وڃي، صوبائي حڪومتون 74 مختلف قسم جا لائسنسز فوري طور تي ختم ڪن ته جيئن عام ماڻهو آساني سان ننڍو ڪاروبار شروع ڪري سگهن. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم ع??ران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبار ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم وڏو في??لو ڪندي مڪاني حڪومتن جي سطح تي مختلف ڪاروباري سرگرمين لاءِ ??هربل ڏيڍ سئو جي لڳ ڀڳ مختلف لائسنسز جي نظام کي ختم ڪرڻ ۽ ضروري لائسنسز جي طريقيڪار آسان بڻائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻ??ندي خودڪار نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.