اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چوڌري شجاعت ح??ين کي فتح تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته کانئس (ق) ليگ کسڻ جي شيطاني ذهنيت کي شڪست ملي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪ??ن ڪميشن ج?? آرڊر پيغام آهي ته ڊسڪه جي ڌُنڌ ۾ نه، فيصلا آئين ۽ قانو?? جي روشني ۾ ٿيندا. هن چيو ته جلاءُ، گهيراءُ، ماري ڇڏيو، کڻو، اڇلي ڇڏيو جي شيطاني سوچ مل?? ۾ مڙهيل نه آهي، هاڻي هر ڪم آئين ۽ قانون موجب ٿيندو.