ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت خوراڪ جي تحفظ، زراعت، پن بجلي، معدنيات سميت مختلف شعبن ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ??ي 7 م??اه??ن ۽ 3 ??فا??مت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪويت جي فرسٽ ڊپٽي وزيراعظم ۽ گهرو وزير شيخ طلال الخالد الاحمد الصباح سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. ٻ??هي اڳواڻن ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻ??هي اڳواڻن ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ 7 م??اه??ن ۽ 3 ??فا??مت جي ياداشتن تي صحيحن واري ??قريب ۾ شرڪت ڪئي. رياست ڪويت پاران پاڪستان جي مختلف شعبن بشمول فوڊ سيڪيورٽي، زراعت، پن بجلي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي سرگرمين ۾ تعاون جي لاءِ کاڻين جي کوٽا فنڊ قائم ڪرڻ، ٽيڪنالاجي زونز ڊيولپمينٽ ۽ مينگروو جي تحفظ سميت اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ??ي 7 م??اه??ن ۽ ثقافت ۽ آرٽ، ماحوليات ۽ پائيدار ترقي جي سعبن ۾ تعاون جي لاءِ 3 ??فا??مت جي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. ٻ??هي اڳواڻن ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي رفتار تي انتهائي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ پاڪستان ۽ ڪويت لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو. نگران وزيراعظم ڪويت سان انهن م??اه??ن کي انهن ڪاميابين ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل قرار ڏنو جيڪي خصوصي سيڙپڪاري ??هولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي پليٽ فارم تان ملڪ جي لاءِ سامهون اچي رهيون آهن. نگران وزيراعظم ڪويت جي امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح جي صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.