اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري دانشور، شاعر، ناول نگار، مترجم ۽ ايڊيٽر احمد ??ليم جي لاڏاڻي تي ??هري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ناليواري دانشور، شاعر، ناول نگار، مترجم ۽ ايڊيٽر احمد ??ليم جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، احمد ??ليم پوري زندگي ثابت قدمي سان جمهوري قدرن، پورهيت عوام، ملڪ جي پٺتي پيل، محروم، ڪمزور ۽ مظلوم ماڻهن جو آواز بڻيل رهيو. هن چيو ته احمد ??ليم ج?? لاڏاڻو منهنجي لاءِ ذاتي نقصان آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.