راولپنڊي-06 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي تيراه ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ لي??ٽيننٽ جنرل ڪرنل محمد حسن حيدر سميت پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ا??س پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي خيبر ضلعي ??ي علائقي تيراه ۾ انٽيليجنس تي ٻَڌل آپريشن ڪيو. آپريشن دوران لي??ٽيننٽ ڪنرل جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪ فوج جي جوانن دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مؤثر انداز سان نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ لي??ٽيننٽ ڪنرل محمد حسن حيدر عمر 43 سال رهائش اسلام آباد، نائيڪ خوشدل خان عمر 31 سال رهائش ضلع لڪي مروت، نائيڪ رفيق خان عمر 27 سال رهائش ڊسٽرڪٽ چارسده ۽ لانس نائيڪ عبدالقادر عمر 33 سال رهائش مري شهيد ٿي ويا. علائقي ۾ ڪنهن به دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ا??س پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان ??ي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.