اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان صحت واري نگران وف??قي وزير ڊاڪٽر نديم جان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صحت واري نگران وزير صدر کي صحت جي شعبي جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. صحت واري نگران وزير ڊاڪٽر نديم جان صدر کي ٻڌايو ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي ايجنڊا تحت پرائمري هيلٿ ڪيئر سسٽم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پي?? وڃن، نيشنل هيل?? سپورٽ پروگرام جاري ڪرڻ سان صحت جي شعبي ۾ مثبت نتيجا برآمد ٿيندا. هن چيو ته سڄي ملڪ جي 5 سئو بنيادي صحت جي مرڪزن کي ٻن مهي??ن جي اندر اپ گريڊ ڪيو ويندو، انهن مرڪزن کي صحت جي عالمي اداري جي تعاون سان اپ گريڊ ڪيو ويندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت جي شعبي صحت واري نگران وف??قي وزير جي ويزن ۽ سڌارن کي ساراهيو.