راولپنڊي-24 نومبر(اي پي پي) امام ڪعبه شيخ صالح بن عبدالله بن حميد پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئ??، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. آءِ ايس پي آر مطابق هيءَ ملاقات جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي. آرمي چيف معزز مهمان جي آجيان ڪئ?? ۽ چيو ته امام ڪعبه جو پاڪستان اچڻ پاڪستاني عوام لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جا مسلمان حرمين الشريفين سان بي پناهه عقيدت رکن ٿا ۽ گهرو احترام رکن ٿا. امام ڪعبه چيو ته اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو مذهب آهي، اسلام جي غلط تشريح جي ڪابه گنجائش ناهي. ٻنهي معزز شخصيتن غزه تڪرار ۾ جاري ظلم ۽ غير قانوني والاريل ڄمون ??شم??ر ۾ مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪئ?? ۽ فلسطين ۽ ??شم??ر جي عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مثالي، تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن ۽ پاڪستانين جي دلين ۾ مملڪت سعودي عرب جي انوکي عقيدت کان علاوه ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ نظرياتي اتحاد تي ٻَڌل مضبوط اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن. آخر ۾ امام ڪعبه اُمت جي امن استحڪام ۽ اتحاد لاءِ دُعا ڪئ??.