تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 16 هين اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند پهچي ويو. تاشقند جي عالمي هوائي اڏي تي ازبڪستان جي وزيراعظم ??بد??لله نمعتويچ عارفوف نگران وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ واپار وارو نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ ??هن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اي سي او اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هو سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪ??دو. نگران وزيراعظم ازبڪ قيادت سميت اجلاس ۾ شريڪ مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. نگران وزيراعظم اي سي او ويزن 2025ع تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.