اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ??ندي چيو آهي ته پاڪستان اڄ هڪ عظيم دوست کان محروم ٿي ويو، لي ڪي چيانگ پاڪ چين اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو وڏو حامي هو، لي ڪي چيانگ هڪ ويزنري اڳواڻ هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته مون کي چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي انتهائي افسوس ٿ??و، پاڪستاني عوام پاران لي ڪي چيانگ جي خاندان، چيني عوام ۽ قيادت سان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ تعزيت جو اظهار ??ريان ٿو. هن چيو ته مارچ 2020ع ۾ چين جي پنهنجي يڪجهتي جي دوري دوران مون کي بيجنگ جي عظيم ع??ام?? هال ۾ ساڻس ملڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، مون لي ڪي چيانگ کي هڪ مخلص دوست ۽ اسان جي سدابهار دوستي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرجوش ڏٺو.