اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، اسان پنهنجي قومي مفاد ۾ فيصلا ڪندا آهيون، ڪنهن کي پنهنجي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ نه ڏينداسين، يقين ڏياريان ٿو ته چونڊ عمل صاف، شفاف ۽ آزاداڻو هوندو، اسان جلد چونڊ عمل ۾ داخل ٿيڻ وڃي رهيا آهيون، چونڊ عمل ۾ انتظامي سطح تي ڪنهن جي ??مايت يا مخالفت نه ڪئي ويندي، افغانستان ۾ استحڪام ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، تحريڪ طالبان پاڪستان سميت ٻين گروپن جي پاڪستان جي ??لاف افغان سرزمين جي ??ستعمال تي ڳڻتي آهي، افغان عبوري حڪومت پنهنجي ??رزمين ڪنهن ملڪ جي ??لاف استعمال ٿيڻ نه ڏي. ترڪ ٽي وي ”ٽي آر ٽي“ کي انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هڪ سوال جي ??واب ۾ چي?? ته اسان تحريڪ انصاف، مسلم ليگ (ن) يا پيپلزپارٽي سميت هر سياسي پارٽي جي ??ياسي حقن جي ??حفظ کي يقيني بڻائينداسين. جيستائين پرامن احتجاج جو تعلق آهي ته اهو هر ڪنهن جو حق آهي جڏهن ته پرتشدد احتجاج ڪنهن به طور تي قابل قبول نه آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چي?? ته چونڊ تڪبنديون اليڪشن ڪميشن جي ??ئيني ذميواري آهي. جيڪڏهن اسان قانون جي ??الادستي جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان کي ان تي عمل به ڪرڻو پوندو. چونڊ تڪبندين تي اعتراض اڳوڻي پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي وقت ٿي سگهيا ٿي ۽ اهو ئي ان جو صحيح فورم هو. اسان کي قانون ۽ آئين جي پاسداري ڪرڻي آهي. جيڪڏهن آئين اسان کي نئين تڪبندين جو چوي ٿو ته اليڪشن ڪميشن نيون تڪبنديون ڪرائڻ جي پابند آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چي?? ته پاڪستان سميت هر ملڪ جي ??ياسي ڪلچر ۾ سازشي ٿيوريون گردش ڪنديون رهنديون آهن. هن چي?? ته عمران خان جي ??ڪومت هٽائڻ جي ??والي سان مداخلت جي ??لزامن جي پاڻ آمريڪا واضح ترديد ڪئي آهي. ڪجهه وقتن تي سياستدان عوامي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهڙو موقف اختيار ڪندا آهن. هن چي?? ته اسان هڪ خودمختيار ملڪ آهيون. ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته ڪا به ٻاهرئين طاقت پاڪستان جي ??ندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪري. پنهنجي مفاد کي نظر ۾ رکنداسين. پي ٽي آءِ جي گذريل حڪومت کي اقتدار کان جدا ڪرڻ جي ??والي سان نگران وزيراعظم چي?? ته آئين ۾ ڪنهن حڪومت کي ٺاهڻ ۽ ان کي هٽائڻ جي ??والي سان طريقو لکيل آهي، پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ان ڪم جي لاءِ آئيني رستو اختيار ڪيو ويو. ان جي لاءِ اهو سڄو عمل آئيني هو. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چي?? ته بدقسمتي سان ٽي چار ڏهاڪن کان اسان جي ??ويلين ادارن جي ڪارڪردگي سٺي نه رهي. صحت، تعليم، يڪس وصولي يا قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ سميت مختلف شعبن ۾ ڪارڪردگي جي ??والي سان اسان کي چئلينجز درپيش رهيا آهن ۽ اسان کي مجبوري ۾ فوج جهڙي منظم اداري کان مدد طلب ڪرڻي پوي ٿي. هن چي?? ته گورننس سميت پنهنجي ناڪامين تي پردو وجهڻ جي لاءِ اهو سڀ کان آسان رستو آهي ته ان جو ذميوار ڪنهن ٻئي کي قرار ڏنو وڃي. اسان کي سويلين ادارن جي ??لاحيت وڌائڻي پوندي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چي?? ته افغانستان ۾ نيٽو فوج ڪيترن ئي سالن تائين موجود رهي، انهن هتي 2 ٽريلين ڊالر خرچ ڪيا پر ان جي ??اوجود ڪيترائي مسئلا اڄ به موجود آهن ۽ 15، 16 سالن کان افغانستان جي ??رزمين پاڪستان ۾ دهشتگردن جي ??ملن جي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. اسان ان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ اسان ان ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. 20 سالن تائين آمريڪا ۽ اتحادي فوج افغانستان ۾ پنهنجو وقت ۽ وسيلا استعمال ڪيا ان جي ??اوجود سينٽرل اٿارٽي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا. اتي هن وقت به مختلف تشدد پسند گروپ موجود آهن جن جو خاتمو پاڪستان ۽ افغانستان جي گڏيل مفاد ۾ آهي. پاڪستان سرحد پار کان دهشتگردن جي ??ملن کي روڪڻ جي لاءِ ڪيترائي سيڪيورٽي قدم کنيا آهن. تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پاڪستان جي ??لاف پرتشدد ڪاررواين جي لاءِ افغانستان جي ??مين ۾ استعمال ڪري ٿي جنهن تي اسان کي ڳڻتي آهي. اسان افغان عبوري حڪومت سان اهو معاملو اٿاريندا رهيا آهيون. پنهنجي ??رزمين ۽ عوام جي ??فاظت جي لاءِ هر قدم کڻنداسين. پاڪستان هر قسم جي ??هشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. هن چي?? ته دهشتگردي جي ??لاف جنگ ۾ پاڪستان وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. پاڪستاني واحد قوم آهي جنهن دهشتگردي جي ??لاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ جانين جون قربانيون ڏنيون آهن. هڪ ٻئي سوال جي ??واب ۾ هن چي?? ته پاڪستان ڀارت سان لاڳاپن کي مختلف ڏس ۾ ڏسي ٿو. پاڪستان کي معاشي مسئلا درپيش رهيا آهن ته ڀارتي حڪومت به معاشي مسئلن جو شڪار آهي. هن يقين واري انداز ۾ چي?? ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي.