اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته غيرجانبدار ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ نگران حڪومت جو مينڊيٽ آهي، ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻ اليڪشن ڪ??يش?? جي ذميواري آهي، ڪنهن سياسي پارٽي سان امتيازي سلوڪ نه ٿيندو، چونڊن جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا ميسر آهن. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، وسيلا به موجود آهن، سيڪيورٽي به آهي ۽ ان??ظا??ي مدد به آهي، اليڪشن ڪ??يش?? جيڪا تاريخ ڏيندي ان تي چونڊون منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته نگران حڪومت جو ڪم اليڪشن ڪ??يش?? جي هدايتن تي عمل ڪرا??ڻ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد تي اعتراض غلط آهن، جيڪڏهن ان جي وابستگي هجي ها ته هو ٽن چئن مهينن جي لاءِ وزير ڇو بڻجي ها؟. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بجلي چوري ختم ٿيندي ته گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ عوام کي ريليف به ملندو. هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ نجڪاري جا جيڪي منصوبا منظور ٿيا انهن تي ڪم ڪري سگهون ٿا.