اسلام آباد-22 آگسٽ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي نگر??ن وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته وزارت تي رهندي ڪوشش هوندي ته ملڪ جي عوام جي خدمت ڪريان، نگر??ن وفاقي وزير مقرر ٿيڻ وڏو اعزاز آهي. اسلام آباد ۾ سول سوسائٽي پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي نگر??ن وفاقي وزير مدد علي سنڌي اسلام آباد جي سول سوسائٽي جا ٿورا مڃيندي چيو ته نگر??ن وفاقي وزير ٿيڻ سندس لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي ۽ سندس اها ڪوشش هوندي ته هو ان منصب سان انصاف ڪندي ملڪ جي عوام جي خدمت ڪري. هن چيو ته کيس وفاقي وزير ٿيڻ سان سول سوسائٽي جيڪا محبت ۽ پيار ڏنو آهي، اهو ڪڏهن وساري نٿو سگهجي. ان موقعي تي نور هاليپوٽو، عرفان انصاري، سيد فياض شاهه، اشفاق چانڊيو، نصير ميمڻ، قاضي فيض ۽ ٻين ن??ر??ن وفاقي وزير مدد علي سنڌي کي نگر??ن وفاقي وزير مقرر ٿيڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون.