لاهور – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران ج??ري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ڀ??ءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ گڏيل عرب امارات روانو ٿيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پوري قوم پاران ڀائر ملڪ جي صدر سان تعزيت جو اظهار ڪندو. ??اڻ?? وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.