لاهور – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي کي ٽيليفون ڪئي ۽ پنجاب جي سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشنرز جي پينشن وفاق جي برابر ڪرڻ تي ڳالهه ??ول??ه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فون تي وزيراعظم وڏي وزير سان پنجاب جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن بابت ڳالهه ??ول??ه ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير پگهارن جي معاملي کي ٻيهر ڪابينا ۾ کڻي وڃڻ جي خاطري ڪرائي.