اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ ۾ گڏيل عرب امارات پاران ه?? ارب ڊالر جمع ڪرائڻ تي صدر محمد بن زيد جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بطور آزمايل ۽ ڀائر ملڪ گڏيل عرب امارات سدائين پاڪستان جي مدد جي لاءِ اڳتي ر??يو آهي، اسان ان تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ سم??هون ٿا ته اهو تعاون پاڪستان جي مشڪل وقت ۾ مع??شت جي استحڪام جي لاءِ اسان جي ڪوششن جي لاءِ اهم آهي.