اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي س??ڪر??ٽري ??اڪ??ر اسد مجيد خان آسيا?? ريجنل فورم (اي آر ايف) جي سڀاڻي جمعي ڏينهن ٿيندڙ 30 هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي س??ڪر??ٽري اجلاس ۾ ايشيا پيسفڪ جي لاءِ ڳڻتي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندو. هن چيو ته پرڏيهي س??ڪر??ٽري اي آر ايف ۽ خطي جي ملڪن سان وسيع حصيداري جي لاءِ علائقائي تعاون ۽ مڪالمي جي پاڪستان جي خواهش جو خاڪو پيش ڪندو. ??اڪ??ر اسد مجيد خان آسيا?? ريجنل فورم جي 30 هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جڪارتا انڊونيشيا ۾ آهي. ان کان اڳ پرڏيهي س??ڪر??ٽري جڪارتا ۾ ٿائيلينڊ جي هم منصب ۽ آسيان جي ڊپٽي س??ڪر??ٽري جنرل سان ملاقاتون ڪيون. هو انڊونيشيا جي صدر کانسواءِ پرڏيهي وزير ۽ انڊونيشيا جي سياسي، قانوني ۽ سيڪيورٽي معاملن جي رابطن واري وزير سان پڻ ملاقات ڪندو. پرڏيهي س??ڪر??ٽري جي ويٽنام ۽ تيمورليسٽي جي پرڏيهي وزيرن ۽ ملائيشيا ۽ برطانيا جي پرڏيهي س??ڪر??ٽرين سان پڻ ملاقات جو امڪان آهي.