اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي)ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ۾ چيو ته زراعت جو شعبو ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ايندڙ ما??ي سال ۾ ان شعبي لاءِ ڄاڻايل هيٺان قدم کڻڻ جون تجويزون آهن، زرعي قرضن جي حد کي هلندڙ ما??ي سال ۾ 1800 ارب رپيا ما?? وڌائي 2250 ارب رپيا ڪيو ويو آهي. هن بجيٽ تقرير ۾ چيو ته بجلي/ڊيزل جو بل هاري جو سڀ کان وڏو خرچ هوندو آهي. ايندڙ ما??ي سال ۾ 50 هزار زرعي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته معياري ٻج هي سٺي فصل جو بنياد آهي. ملڪ ۾ معياري ٻج جي استعمال کي هٿي ڏيڻ لاءِ ان جي گهرا??ڻ تي سمورا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز ختم ڪيا پيا وڃن. اهڙيءَ طرح Sappings گهرا??ڻ تي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته موسمي ت??ديليءَ سبب هارويسٽنگ جي مدت گهٽ کان گهٽ ٿيندي پئي وڃي، ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن هاري ٽين ??صل به کڻي ته ان لاءِ ضروري آهي ته هو پڪل فصل کي جلد سنڀالي. ان لاءِ ڪمبائين ??ارويسٽرز ج?? ضرورت آهي. ڪمبائين ??ارويسٽرز جي استعمال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هي ت??ويز آهي ته ان تي سموريون ڊيوٽيون ختم ڪيون وڃن. هن چيو ته چانور جي پيداوار وڌائڻ لاءِ خشڪ، رائيس پلانٽرز، سيڊر کي به ڊيوٽي ۽ ٽيڪس کان ڇوٽ جي ت??ويز آهي. ايگرو انڊسٽري ٻهراڙيءَ جي معيشت ۾ انقلاب جي صلاحيت رکي ٿي. بجيٽ ۾ ايگرو انڊسٽري کي Concessional قرضن جي فراهميءَ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.