اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ماحولياتي تبديلي واري وزارت جي مختلف اسڪيمن جي لاءِ 4050 ملين رپي?? رکيا ويا آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب ماحولياتي تبديلي ڊويزن جي ٽن جاري اسڪيمن جي لاءِ 3950 ملين رپي?? رکيا آهن، انهن اسڪيمن ۾ ڪيپسٽي بلڊنگ آن واٽر ڪوالٽي مانيٽرنگ اينڊ ايس ڊي جي (6.1)، ڪلائميٽ ريزيليئنٽ اربن هيومن اسٽيلٽمنٽس يونٽ ۽ گرين پاڪستان پروگرام جي اپ اسڪيلنگ شامل آهي جن جي لاءِ ترتيبوار 26.5 ملين رپيا، 20.950 ملين رپيا ۽ 3902.55 ملين رپي?? رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ ڪلائميٽ چينج ڊويزن جي هڪ نئين اسڪيم جي ايم اوز ريگيوليشن بابت پاڪستان بائي?? سيفٽي ڪليئرنگ هائوس شامل ڪئي وئي آهي، ان اسڪيم جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 200 ملين رپيا لڳايو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ ان اسڪيم جي لاءِ 100 ملين رپي?? رکڻ جي تجويز ??ني وئي آهي. 22