اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان واسي هڪ نوجو??ن جي متاثر ڪندڙ ڪهاڻي جي وڊيو شيئر ڪندي چيو آهي ته هي پاڪست??ن جو اثاثو آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن نوجوان پنهنجي حالتن کي پنهنجي ڪاروباري صلاحيتن ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجڻ نه ڏن??. هن چيو ته بلوچي دستڪاري جي هڪ اسٽار اپ جي شروعات ڪندي هن نوجوان ڏيکاريو آهي ته اس??ن جا نوجوان ڪيترا باصلاحيت آهن. اها فن سان محبت ڪندڙن لاءِ هڪ دعوت ۽ پاڪست??ن جي لاءِ هڪ قابل فخر اثاثو آهي.